SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


انصاف- نياءُ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


انصاف- نياءُ

Justice

جسٽس

هيءُ هڪ اخلاقي دُرستگيءَ وارو تصور آهي، جيڪو اصولن، قانون، عقليت ، اخلاقيات ، مذهب ،فطري قانون ۽ نيڪيءَ وغيره وارن نُڪتن تي بيٺل آهي. عالمي سياست ۾ هن اصطلاح جو عام مطلب اُهي اعليٰ اخلاقي معيار آهن، جيڪي ڪنهن به روايتي قانون کان ماورا هوندي به، هر رياست منجهه حقن ۽ فرضن جي ضابطي کي مُمڪن بڻائين. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ انصاف جي تصور جي ِِضرورت عالمي ذريعن، ورثن يا دولت جي مُناسب ورهاڱي ۽ رياستي يا اداراتي تڪرارن جي نبيري مهل پئجي سگهي ٿي. عالمي لاڳاپن ۾ اڄڪلهه انصاف ”طاقتور لاءِ مخصوص هجڻ“ واري صورتحال کي ڏسندي، انصاف جي ڪائناتي انداز ۾ موجودگيءَ جي ڏاڍي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. هن موقف جا حامي ٽيڪنالاجيءَ جي حدبندين کان مٿانهين حاصلات ۽ رياستن جي هڪٻئي مٿان وڌندڙ دارومدار کي ڳڻيندي، انصاف جي وسيع معنيٰ تي زور ڏين ٿا. ”انصاف“ جي تصور بابت انگريز مُفڪر هابس جي پوئلڳن، حقيت پسندن ۽ تصوريت پسندن وچ ۾ ڪيترن قسمن جا اختلاف ڏٺا ويا آهن، تنهنڪري هن اصطلاح متعلق ڪا مخصوص وضاحت ڏيڻ مُمڪن ڪونهي


Remember Me Also:

مهري

مُهري جمع مُهرِيُون

ث . (اَنُ ڇڙڻ جو) مُهلڙو، ڏنڍو (بندوق جي) ٻُنڊي. توف جي ناليءَ جو مُنهن. دال جو هڪ قسم، ڳاڙهي رنگ جي دال، مسور. محصول وٺڻ جي جاءِ ، ناڪو. محصول.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal